اسلام آ??اد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي سستي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدن?? وارن طبقن کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي ??ائ?? مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.