اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو ??خت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪرد??ي جو جائزو وٺڻ جي لا??ِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آ??يس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪرد??ي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.