اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته فلسطين تي اس??ائ??لي جارحيت جي معاملي تي پاڪستان سميت سمورن اسلامي ملڪن جامع ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، غزه ۾ فوري جگبندي ڪئي ??ڃي، اس??ائ??ل والاريل علائقو خالي ڪري ۽ فلسطينين کي انساني بنيادن تي امداد جي فوري فراهمي يقيني بڻائي ??ڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بيگناهه فلسطينين تي اس??ائ??لي ظلمن جي خلاف رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران پرڏيهي وزي چيو ته فلسطينين جي لاءِ مدلل انداز ۾ آواز اٿارڻ تي ايوان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جهڙي طرح ڪشمير مسئلو پراڻو ۽ حل طلب تڪرار آهي اهڙي طرح فلسطين به پراڻو حل طلب تڪرار آهي، ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن پر انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن چيو ته اسان اڄ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جو مذهبي ۽ قومي فرض آهي جهڙي طرح فلسطين جي عوام اس??ائ??ل جي غاصباڻي قبضي کانپوءِ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، سوين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ان جي مذمت ڪريون ٿا ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ قومي فرض آهي ۽ اهميت رکندڙ آهي، اس??ائ??ل گذريل 17 سالن کان غزه تي قابض آهي. هن چيو ته اس??ائ??ل 7 آڪٽوبر کانپوءِ اتي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ان جو موجوده دور ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته يونيسيف جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته گذريل ٻن هفتن کان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان سان غزه قبرستان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن موجب 8500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، انهن ۾ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ٻار شامل آهن، 25 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي آهن، 222 اسڪولن ۽ هڪ لک 80 هزار گهرنک ي تباهه ڪيو ويو، بجلي، ??اڻي ۽ خوراڪ دستياب نه آهي. هن چيو ته اس??ائ??ل اسپتالن تي 35 جي لڳ ڀڳ حملا ڪيا آهن، اتي ماڻهن جو حال پڇڻ وارو ڪير نه آه??، زخمين جي عيادت ڪندڙ ڪير به نه آهي، علاج جون سهولتون دستياب نه آهن، نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي لاءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته جباليه تي اس??ائ??لي حملي ۾ سوين شهادتون ٿيون آهن، اس??ائ??لي حملا رڳو غزه تائين محدود نه آهن پر انهن جو دائرو والاريل بيت المقدس سميت ٻين علائقن تائين وڌايو ويو آهي، تصديق ٿيل اطلاعن موجب شهادتن جو اصل انگ ان کان به وڌيڪ آهي، ان معاملي تي پاڪستان فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان واضح بيان ڏنو، حڪومت ۽ سينيٽ به ان حوالي سان واضح پيغام ڏنو آهي، ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي، ??ون پاڻ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪئي ۽ سعودي عرب سميت ٻين هم خيال ملڪن سان گڏجي ان حوالي سان هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب او آءِ سي جو گڏيل اجلاس گهرايو. هن چيو ته جده ۾ غيرمعمولي اجلاس ۾ سمورن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان هڪ قرارداد منظور ڪئي ??ئي جنهن ۾ چيو ويو ته فوري طور تي جنگ بندي ڪئي ??ڃي، غزه سميت متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي فوري امداد فراهم ڪئي ??ڃي، ??يدين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ امن عمل شروع ڪيو وڃي، اس??ائ??ل ظلم ۽ ڏاڍ جو مثال قائم ڪيو آهي، اس??ائ??ل عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو آهي، 1967ع ۾ قرارداد نمبر 242 اتفاق راءِ سان منظور ڪئي ??ئي ??ئي، گڏيل قومن جي ان قرارداد ۾ اس??ائ??ل جي قبضي کي ناجائز قرار ڏنو ويو. ٻي قرارداد 478 اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ چيو ويو ته جن ملڪن پنهنجا سفارتخانا والاريل بيت المقدس منتقل ڪيا آهن اهي اتان واپس اس??ائ??ل منتقلڪن. ٽين قرارداد 2334 آهي جنهن ۾ والاريل علائقن ۾ اس??ائ??لي آبادڪاري کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اس??ائ??ل انهن قراردادن جي پاسداري نه ڪئي ۽ نه ئي ان جي حامين انهن قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جي اهم نقطن ۾ اهو شامل آهي ته اس??ائ??ل والاريل علائقن مان انخلا ڪري، انساني حقن جون پائماليون بند ڪري، گڏيل قومن جي قرارادادن موجب آزاد فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته اسان سڀ فلسطيني عوام جي لاءِ آزادي، امن ۽ روشني جا خواهشمند آهيون، اميد آهي ته انصاف ظلم ۽ ڏاڍ تي حاوي ٿيندو ۽ عالمي ضمير تنگ نظري تي ٻڌل مفادن کي شڪست ڏيڻ جي قابل ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ۽ عوام پاران ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سدائين گڏ بيٺل رهنداسين.