اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي تعليم سان گڏوگڏ ا??هن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ا??هن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگ??جي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري ا??هن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو ج??هن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو ج??هن چترال جي ماڻهن کي تعليمي معيار بلند ڪ??ڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.