اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، ان??ن قانونن جي منظوري وزيراعظم عمران خا?? جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪ??ريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان??ن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي اڪ??ريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، ان??ن قاننن جي منظوري وزيراعظم عمران خا?? جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ان??ن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، ش??ست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.