اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پ??رليامينٽ جي پ??ڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ وا??د خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وا??ا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پ??ڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پ??رليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ ا??اگ?? ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ڄائي برطانوي پ??رليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ وا??د خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پ??ڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پ??رليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي حوالي سان برطانوي ري?? لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.