لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صن??تي زون ٺهي رهيا آهن، حڪومتي صن??تي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪورونا سبب پوري دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو، دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرور?? آهي، جڏهن ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگ??جي. هو لاهور ۾ چيني سيڙپڪاري سان قائم چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موق??ي تي خطاب ڪري رهيو هو. چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان واپاري قمر خان بوبي صدر کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني، ان موق??ي تي صدر 150 ملين ڊالر سان شروع ٿيندڙ چئلينج ٽيڪسٽائيل پارڪ جو به افتتاح ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي چئلينج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي وڌيڪ ضرور?? آهي، پاڪستان هڪ محفوظ مل?? آهي جتي ملڪي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو، هن چيوته پاڪستان چين دوستي تي اسان کي فخر آهي ۽ چيني سيڙپڪاري سان ملڪ صن??تي انقلاب طرف وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي تازي وبا سان سڄي دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو. جڏهن ته ان جي خلاف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مائيڪرو فنانس ۽ ڪووڊ -19 کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪاميابي حڪومتي ڪاميابين جو تسلسل آهي، هن چيو ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگ??جي ۽ دنيا کي هن وقت پاڪستان جي ضرور?? آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اچن، سيڙپڪاري ڪن ۽ دنيا کي مثبت پيغام ڏين، هن چيو ته اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ تيز ترين رابطن جي ضرور?? آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا هن وقت تمام تيز ٿي چڪي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيا پيا وڃن، اقتصادي زون قائم ٿيڻ سان نه رڳو نئين انڊسٽري لڳندي پر ماڻهن کي وسي?? پئماني تي روزگار به ملندو ۽ انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ سٺا هوندا.