اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، ا??غانستان ۾ امن تمام اهم آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پاڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، ا??غانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پ??دا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.