اسلام آبا?? – 15 جون (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي تيز ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي سل??لي ۾ وفاقي محتسب جي اداري کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ موجوده قانونن تي نظرثاني ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃي، ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل جو نظام اختيار ڪرڻ جي ض??ورت آهي، ڊيجيٽل رابطن سان عوامي شڪايتن جي فوري ازالي سان گڏوگڏ وقت ۽ رقم جي بچت ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.