اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين جي ملڪي معيشت بابت ڪوڙيون ڳالهيون عوام کي گمراهه نه ٿيون ڪري سگهن، جن کي آءِ ايم ايف جي قرضن جو درد آهي اهي سوئس بئنڪن ۾ پيل پئسو واپس کڻي اچن، ڪالهه جا ات??ادي اڄ جا دشمن بڻجي چڪا آهن، ماضي ?? اين آر او وٺندڙ اڄ ٻيهر اين آر او جي ڳولا ۾ آهن، ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، بلاول ٻڌائي ته سنڌ حڪومت هيستائين ڪيتريون ويڪسين جون خوراڪون خريد ڪيون آهن، ??اڪ??تان جي معيشت ترقي ??ري رهي آهي، سمورا اشارا مثبت اچي رهيا آهن، سمورن چئلينجز جي باوجود اسان جي معيشت ترقي ??ري رهي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ هنگام?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.