اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا تي سياست ??ٿا ڪرڻ چاهيون پر نون ليگ جي ليڊرشپ پنهنجي پاڙيسري دوستن جي نقش قدم تي هلندي ڪورونا ا??س او پيز جون ڌڄيون اڏائي ته ان جي ڀرپور مذمت ڪرڻ فرض آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الله اسان کي احتياط جي ڪري محفوظ رکيو آهي، اهڙين غلط ۽ غير محتاط حرڪتن سان توهان جي سياست زنده نه ٿيندي صرف ڪورونا پکڙ??ند??.