اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پنه??جي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??سان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري ف??احي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ??سان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، ??ڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنه??جي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي ??سل??انن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي ??سل??انن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد ??سل?? رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي ن??شي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي ف??رسز پاران بدترين رياستي جبر درپيش آهي، ??سان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، ??ياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.