اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومن جي ترقي ۾ اخلاقيات، نظريي ۽ انصاف ج?? اهميت کي اجاگر ڪندي چي?? آهي ته ڪرپشن جي خاتمي ۾ پوري معاشري جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪم رڳو قانونن سان نه ٿو ٿي سگهي، جزا ۽ سزا جي تصور کانسواءِ انصاف ممڪن نه آهي، ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت نيب ۽ عدالتن کي گهربل هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون اين آر او جي لاءِ آهن، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان ڪير نه ٿو روڪي سگهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ هيٺئين طب??ي جي مشڪلاتن کي خ??م ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان چونڊ سڌارن تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام آڻينداسين ته جيئن ڌانڌلي جي شڪايت جو سدائين لاءِ خاتمو ٿئي، پاڪستان مشڪل دور مان نڪري هاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان کي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي، راوي سٽي، بنڊل آئي لينڊ ۽ والٽن بزنس سينٽر جهڙا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان ٿيندڙ آمدني سان قرض واپس ڪنداسين. قومي اسيمبلي مان اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته سڀ کان اڳ اتحادين، ميمبرن ۽ پنهنجي ٽيم جا ٿورا مڃان ٿو. هن چي?? ته گذريل ڏينهن حالتون ڏٺيون ته حفيظ شيخ جي هارائڻ تي سڀ تڪليف ۾ ورتل هئا، هن وقت هڪ ٽيم نظر اچڻ مون کي تمام سٺو لڳو، هاڻي اسان جي ٽيم مضبوط ٿيندي ويندي. الله قرآن ۾ ايمان کي آزمائڻ جي ڳالهه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿو. آزمائش مان نڪري انسان جو ايمان مضبوط ٿئي ٿو. انسان کي اشرف المخلوقات بڻائڻ جي لاءِ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ جي شرط لڳائي وئي. وزيراعظم چي?? ته جڏهن اسان وزن کڻندا آهيون ته اسان جو جسم مضبوط ٿيندو آه?? اهڙي طرح سياسي پارٽي به مشڪل وقت مان نڪري مضبوط ٿئي ٿي. دنيا ۾ آسانيون قوم کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. وزيراعظم چي?? ته مشڪل وقت مان نڪرڻ تي پارٽي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته ميمبر مشڪل حالتن ۽ صحت جي خرابي جي باوجود هتي پهتا. وزيراعظم چي?? ته اسان کي پاڪستان قائم ٿيڻ کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ڇو ته نظريي کانسواءِ قوم مري وڃي ٿي. قوم مقصد جي لاءِ بڻجندي آهي، جيستائين اسان پنهنجي ٻارن کي پنهنجا مقصد نه ٻڌائينداسين، اسان جي قيادت کي خبر هجڻ گهرجي ته اهو عظيم خواب هو. هن سوال ڪيو ته ڇا علامه اقبال کي خبر نه هئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 20 ڪروڙ مسلمان انڊيا ۾ ئي رهجي ويندا. ان جي خيال ۾ دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ۽ ماڊل اسلامي رياست جو خواب سامهون هو جيڪو قرارداد مقاصد ۾ مديني جي رياست تي اسلامي فلاحي رياست جو بنياد هو. وزيراعظم چي?? ته مديني جي رياست ۾ اصول طئي هئا ته ان رياست کانپوءِ هڪ ورهايل قوم جنهن جي ڪا حيثيت نه هئ?? اها اصولن تي هلي دنيا ۾ مثال بڻجي وئي، اهو هڪ معجزو هو. وزيراعظم چي?? ته تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ستين کان نائين درجي جي نصاب ۾ نبي صه جي زندگي ۽ مديني جي رياست بابت سبق شامل ڪري ته جيئن ٻارن کي هن ملڪ جي ٺهڻ جو مقصد خبر پوي. وزيراعظم چي?? ته اڄ ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ٿي رهيو آه?? اهڙي دليل ڏني ويندي هئي ته جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهيو ته مسلمان وڌيڪ طاقت ۾ هوندا. جيڪڏهن اسان ان نظريي تي نه هلنداسين ته پوءِ اها دليل صحيح آهي. پاڪستان جو خواب عظيم هو. هن چي?? ته جن ماڻهن جي حيثيت ئي نه هئي ان??ن دنيا جي امامت ڪئي. دنيا کي عظيم تهذيب ۽ ثقافت ڏني، وڏا سائنسدان ڏنا، ان??ن دنيا ۾ اخلاقي معيار ڏنو. وزيراعظم چي?? ته انڊونيشيا، ملائيشيا ۾ مسلمان واپارين جي ڪردار کان متاثر ٿي ماڻهو مسلمان ٿيا. اسلام تلوار سان نه ڪردار جي اصلاح سان پکڙيو. وزيراعظم چي?? ته نماز ۾ اسان روزانو اهو پڙهون ٿا ته اسان کي سڌي رستي تي هلائي. وزيراعظم چي?? ته ٻه رستا آهن، هڪ تباهي ۽ هڪ نعمتن جو رستو آهي. دنيا جون سڀ کان وڌيڪ نعمتون نبي ڪريم صه کي بخشيون ويون. ان??ن جي رستي تي هلندڙ عظيم انسان بڻيو. هن چي?? ته انگريز ليکڪ جي لکيل ڪتاب ”فاتح عرب“ پڙهڻ واري ڪتاب آهي. ان لکيو آهي ته مسلمانن جي دنيا ۾ فتح جو ڪو مثال نه ٿو ملي، ان وٽ ڪي جديد هٿيار نه هئا. ان??ن جي اخلاقيات، عدل ۽ انصاف، ڪردار جي ڪري ماڻهو ان??ن سان گڏ ٿيا. وزيراعظم چي?? ته ڀارت ۾ داتا، ڀلي شاهه، بابا فريد، نظام الدين اولياءَ جو ڪردار ۽ انسانيت ڏسي ماڻهو مسلمان ٿيا. هن چي?? ته تازين سينيٽ چونڊن تي شرمندگي ٿئي ٿي. ڪٿ?? اهو خواب ڪٿي خريدارن جي ٻڪرامنڊي لڳي. وزيراعظم چي?? ته هڪ مهيني کان خبر هئي ته پئسو گڏ ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن پاران سٺي اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه تي مون کي صدمو پهتو آهي. جيڪڏهن اها سٺي اليڪشن آهي ته بري اليڪشن ڪهڙي هوندي آهي. هن چي?? ته اسان جي معيشت، قرض بيماري جون علامتون آهن، اڳ ۾ اخلاقي طور تي تباهي پوءِ معيشت جي تباهي اچي ٿي، ڪو اهڙو ملڪ ٻڌايو جتي اخلاقي گراوٽ سان معاشي حالتون بهتر ٿين. هن چي?? ته دنيا جي عظيم ليڊر ان جي اخلاقيات کي مٿي اٿاريو. اهي صادق ۽ امين هئا، قرآن ان??ن جي سنت تي هلڻ جو چوي ٿو، ان ۾ اسان جي بهتري آهي. قرآن رهنما حيات آهي. هن چي?? ته مون کي تڪليف ٿئي ٿي جڏهن اولهه ملڪن ۾ وڃان ٿو ان??ن جو اخلاقي معيار ڏسي شرم اچي ٿي ته افسوس ٿئي ٿو ته اسان جو ملڪ لااله الالله جي بنياد تي ٺهيو ۽ هتي ڇا ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته آصف علي زرداري جنهن کي پوري دنيا ڪرپٽ ثابت ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جا نعرا لڳا ڇو ته هو پئسا ڏي ٿو. نواز شريف ڌاڙيل، ملڪ مان ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو آهي. ڪابينا ۾ 6 ڪلاڪ ان تي ڳالهه ٿي ته هو جهاز تي به نه ٿو چڙهي سگهي، شيرين مزاري جهڙي مضبوط عورت جا ڳوڙها نڪري آيا، اتي ويندي ئي صحتياب ٿي ويو. هاڻي هو خطاب ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته ان جو منصوبو اهو هو ته اڍائي سالن کان وڏا وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي عمران خان تي ايترو دٻاءُ وجهن جو جنرل مشرف وانگر هو ان??ن کي اين آر او ڏئي ڇڏي. جنرل مشرف سان گڏ سپريم ڪورٽ، فوج هئي. هن اين آر او ڏئي ظلم ڪيو. ان وقت اپوزيشن ليڊر مولانا فضل الرحمان ان سان مليل هو، اهو اين آر او وڏو ڏوهه هو. ٻنهي ان کانپوءِ ملڪ ڦريو. ملڪي قرض ٻه هزار ارب رپين مان وڌي 30 هزار ارب تائين پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم چي?? ته جڏهن آئون وزيراعظم بڻيس ته پهرين ڏينهن مون کي ايوان ۾ تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي ڇو ته ان??ن کي ڊپ هو ته ڪرپشن جا ڪيسز معاف نه ڪندو. اهي ڪيسز اسان ناهن ٺاهيا ان??ن جي پنهنجي دورن ۾ ٺاهيا ويا. نيب جو چيئرمين ان??ن جو لڳايل هو. پاڪستان جا 60 ملين ڊالر سوئٽزرلينڊ ۾ پيل هئا، ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پاران چي?? ويو ته هو پئسا پاڪستان واپس آڻڻ جي لاءِ خط لکي، اهي پئسا ان جي پيءُ جا نه هئا. هن چي?? ته هو هتي ائين گهمي رهيو آهي جهڙو نيلسن منڊيلا آهي.