اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداع??م جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداع??م جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نه??يت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداع??م جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻ??ئي سگهون ٿا، اسپيڪر مشهور مورخ اسٽينلي ولپرٽ جو حوالو ڏنو جن??ن قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو هو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جن??ن تاريخ کي بدلايو آهي، انهن ماڻهن جو تعداد ان کان گهٽ آهي جن??ن دنيا جي نقشي کي تبديل ڪيو هجي شايد ئي ڪنهن کي هڪ نظرياتي رياست بڻائڻ جو امتياز حاصل هجي،محمد علي جناح اهو واحد اڳواڻ آهي جن??ن کي اهي ٽئي امتياز حاصل آهن.