اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ڏنو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن ??ي عمل پيرا ڪندي هر شعبي ۾ علم ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي ملڪ کي عروج تي پهچائين، عظيم ملڪ مضبوط ۽ منظم قومن پنهنجي محنت، عزم ۽ خ??وص سان تعمير ڪيا، پاڪستان قائد جي امانت آهي ۽ هاڻي نوجوان نسل جي ذميداري آهي ته ??و ملڪ کي مضبوط ۽ خ??شحال بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ يوم قائد جي مناسبت سان ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻارن کي تاڪيد ڪئي ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي جو مطالعو ڪن ته ڪهڙي طرح هن پاڪستان جي قيام لاءِ بي لوث مح??ت ڪئي، هن چيو ته صرف اهڙي بلند ڪردار ۽ مضبوط عزم رکندڙ شخصيت ئي اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي جنهن کي هر ڪوئي ناممڪن سمجهندو هو. صدر والدين ۽ استادن تي زور ڏنو ته هو نوجوان نسل جي شروعا??ي عمر کان ئي مضبوط ڪردار سازي ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪن ته جيئن ??و مستقبل جا بهترين اڳواڻ ثابت ٿي سگهن.