اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نن??ن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پور?? دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خال?? جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نن??ن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اس??ن کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄ?? دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪ??ور??ٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.