اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي (سي سي او پي) نجڪاري جي سمورو ??مل ??لد ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن مقرر نظام ۽ وقت ۾ ان حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهن، ايس ايم اي بئنڪ لميٽيڊ ۽ پاڪ انشور??س ڪمپني لميٽيڊ جي 20 سيڪڙو نجڪاري جي حوالي سان تيز اڳڀرائي جاري آهي ۽ نجڪاري جو ??مل مقرر نظام ۽ وقت جي اندر مڪمل ٿي ويندو، 747 ميگاواٽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪارن جي طرفان دلچسپي جي اظهار جا خط ملي چڪا آهن. ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.