اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي اسيمب??ي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پارليامينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ ??و اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارليامينٽ ذري??ي ئي عوامي مفادن جو تحفظ ??قيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمب??ي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.