اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هٿرادو ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽيز) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏهاڪو انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنا??اج??ز جي انقلاب جي ڏهاڪو هوندو، ان لاءِ پاڪستان کي ضروري عنصر گهربل هوندا، ان حوالي سان ملڪ جي صنعتي شعبن کي وقت سر تياري ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ ايمرجنگ ٽيڪنا??اج??ز جي باري ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? ۽ ٽي??ي ڪميونيڪيشن وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سڄي ملڪ مان آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي.