اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿين??و ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو.