اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو پياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاشري ۾ اعتدال پسند روين جي ??روغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائ?? سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ??وقعي تي منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ ريڊيو پاڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طو?? تي گهرايو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي ??نر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيئر آرٽسن سان گڏجي ??اڪستان ج?? سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊيو پاڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پاڪستان ج?? سالگرهه جي ??بارڪباد ڏني. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل ع??ي خ??ن، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.