اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪن??ڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائين پنهنجي واري جو انتظار ڪر??، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪن??ي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.