گڏيل قومون -19 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مصنوعي ذهانت جي حوالي سان منعقد ٿيل پهرين اجلاس ۾ چين چيو آ??ي، ته ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه ب??ائ?? گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو آ??ي، ته اها ٽيڪنالاجي ماڻهن تي پابندي لڳائڻ يا کين د??ائ?? لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، برطانوي خابرو ايجنسي مطابق برطانيه جي پرڏيهي وزير جيمز ڪليوري چيو آ??ي، ته مصنوعي ذهانت انساني زندگي جي هر بنيادي پهلو کي بدلائي ڇڏيندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ معيشتون کي هٿي وٺائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اها ٽيڪنالاجي غلط معلومات کي هوا ڏيڻ ۽ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي هٿيارن جي ڳولها ۾ معاونت ڪري سگهي ٿي، 15 رڪني ??ائونسل کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس هاءِ پروفائيل آرٽيفيشل انٽيليجنس اسٽارٽپ انٿروپڪ جي شريڪ باني جيل ڪلارڪ ۽ چائنا يو ڪي ريسرچ سينٽر فار اي آءِ ايٿڪس اينڊ گورننس جي شريڪ ڊائريڪٽر پروفيسر زينگ يي بريفنگ ڏني. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته مصنوعي ذهانت جو فوجي ۽ غيرفوجي شعبن ۾ استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو. هن انهي غيرمعمولي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪجهه رياستن طرفان گڏيل قومن جي هڪ نئين اداري جي قيام جي مطالبن جي پڻ حمايت ڪئي. گڏيل قومن ۾ چين جي سفير مصنوعي ذهانت کي ٻه منهين تلوار قرار ڏنو ۽ چيو ته چين مصنوعي ذهانت لاءِ رهنما اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ??رد??ر جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان ان کي ڪهڙي طرح استعمال ڪندو آ??ي ان کي ڪهڙي ريت منظم ڪندو آ??ي ۽ اسان سائنسي ترقي کي سيڪيورٽي سان ڪنهن ريت توازن ۾ رکون ٿا.