اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام ??ون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهن??ون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي ??زير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي ??ون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته ??اڪ??تان جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.