اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته ن??ي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪوشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موق??ي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪ??ي ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪ??ي معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۽ ا??سا??يت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
??وڌ??ي فواد حسين چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري ا??سا??يت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته ن??ي ڪريم صه جي تعليمات تي عمل ڪ??ي اسان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ عملي نموني سان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي محسن ا??سا??يت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪ??ڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.