اسلام ??باد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته واپارين ۽ صنعتي شعبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪري رهي ??هي ۽ ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيح?? واپاري معاهدن جي ذريعي مقام?? واپارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال ??نڊسٽري (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر لياقت علي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال ??نڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صدر عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال ??نڊسٽري جي صدر لياقت علي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ ج?? واپارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي منظوري تي حڪومت ج?? واکاڻ ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي ??هي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪستان?? واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن ??ي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي ??هي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام ??حت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي زور ڏنو ته هو واپارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال ??نڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.