اسلام آباد – ??هرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ب??وچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ب??وچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ و??يڪ بهتري جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان ب??وچستان جي آبادگارن جي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت جي ترقي کي يق??ني بڻائيندو.