اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان افغا??ست??ن ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغا??ست??ن ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغا??ست??ن جي اندر فيصلي سازي جو اختيار افغان عوام جو حق آهي. اها ڳا??هه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳا??هائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغا??ست??ن جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغا??ست??ن کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳا??هين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳا??هيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪ??ڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغا??ست??ن جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪ??ڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغا??ست??ن ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعا??ست??ن جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته افغا??ست??ن جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪ??ڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغا??ست??ن کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.