اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ??ذه??ي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان هڪ مضبوط افغانستان جا خواهشمند آهيون جنه?? ۾ ??يصلو افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، افغان باهمت ماڻهو آهن، هنن ڪڏهن شڪست تسليم ناهي ڪئي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ??ذه??ي معاملن وارو وفاقي وزير پ??ر نور الحق قادري، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل سميت ٻيون اهم شخصيتون به موجود هيون. قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا ??ذه??ي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان جا تاريخي هيروز ڪابل کان اچي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ تاريخ رقم ڪئي، حضرت داتا گنج بخش افغانستان مان هتي آيو ۽ اسلام جي تبليغ ڪئي، شير شاهه سوري ڪابل کان ڪلڪته تائين 3300 ڪلوميٽر رستو ٺاهيو. هن چيو ته بدقسمتي سان ??ذر??ل 40 سالن دوران افغانستان ۾ ظلم ۽ ستم ڪيو ويو. تقريبن 30 لک افغان پناهگير ??ذر??ل 40 سالن کان هتي رهيل آهن، انهن پناهگيرن جي با??ن جي نالا افغانستان سان جڙيل آهن پر انهن اڄ تائين افغانستان ناهي ڏٺو، هن چيو ته اسان ان وقت تائين اڳتي نٿا وڌي سگهون جيستائين افغانستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ نه بڻجي وڃي، هن چيو ته اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته ??ذر??ل ٽن سالن دوران افغانستان جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي هتي گهرايو ويو، افغاني اسان جو ڀاءُ آهن، اسان جن حالتن مان ??ذر?? رهيا آهيون هڪٻئي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 40 سالن جي جنگ ۽ جدل سان ڏٺي آهن، اسان با??ڊر تي سٺي فضا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، نوجوانن کي مخطاب ٿيندي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قاسم خان سوري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستا?? ۾ ??ڪ متفقه حڪومت قائم ٿي جنه?? ۾ ??يصلا افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، هن چيو ته افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال سان پاڪستان به متاثر آهي، افعانستان ۾ امن ٿيندو ته اسان به ترقي ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 57 اسلامي ملڪن ۾ سڀ کان مشهور ملڪ ۽ ايٽمي طاقت آهي، هتي جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان کي انهن کي بهتري جي طرف وٺي وڃڻو آهي، ان موقعي تي ??ذه??ي معاملن واري وفاقي وز??ر نور الحق قادري پشتو زبان ۾ خطاب ڪيو.