اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسرا??يل?? جارحيت طرف ڌيان ڇڪرائڻ جي ل??ءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌيان اسرا??يل?? ظ??من طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ت?? اسرا??يل?? ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ??و ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظ??من جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.