اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي ??رق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد ج?? لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خاص طور تي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ ج?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداو??ر جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ج?? لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي ج?? لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.