اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بحريه جي ب??ترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آ??ي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آ??ن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن ص??ر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.