اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کا?? بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪام??اب ٿينداسين، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي ??گهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کا??پوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن ??ي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کا?? بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کا??پوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.