اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ?? بوسنيا هرزيگووينا اتفاق ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اظهار راءِ جي ??زا??ي جي آڙ ۾ مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ کي قبول نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته بوسنيا، هرزيگووينا پريذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ چيو آهي ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو معاملو اهم آهي، ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ?? بوسنيا، هرزيگووينا جي پريذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر وو?? گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.