اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ??لاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي ??وجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ??ين??و، ان سان علائقائي ر??بط??ڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ??ين??ا.