اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرا??دا?? نه ڪري، قرباني جي عيد جي هن موقعي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي ??ريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون ??ڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف ام??حا??ن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن ام??حا??ن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ ام??حا?? جي صور??حا?? ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.