اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي ??فد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ??فد ۾ وسيم اختر، ڪنور نويد، ڪشور زهره، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب ??لام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??فد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قيادت ع??امي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.