اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالم سڳورن کي ڪرونا وا??رس جي باري ۾ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ ۽ کين احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر ??ها ڳالهه مذهبي معاملا ۽ بين المذاهب هم آهنگي وا??ي وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز سان ملاقات دوران چئي.