اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضر??رت آهي، سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن موجب ڪشم??ر مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضر??ري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئو??سل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئو??سل جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ڪشم??ر مسئلي جو سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي د??رومدار وڌي ره??و آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي ره?? آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضر??رت آهي.