اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن علائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. وزيراعظم عمران خان سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ ??ٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ ??نرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الر??يد?? پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ??ئي رهي آهي، ڊيڊ سرمائي کي ريوين??و پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪ??و پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان ??ڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آهي ان ??ي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ ??ٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ان ??ان اڳ اجلاس کي سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ ??ٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ ??ي تعمير، چار باغ، جوک، ق??مي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن.