اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گ??گت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سي??حن جي سهولت لاءِ گ??گت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم ک??ي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي ??ف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گ??گت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سي??حن جي سهولت لاءِ گ??گت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم ک??ي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گ??گت بلتستان ۾ سي??حت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گ??گت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سي??حت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گ??گت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن??و. هن چيو ته گ??گت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گ??گت بلتستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.