اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لا??ِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يو??يورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يو??يورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اج??اس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين ايس يو جي تعليمي پروگرامن کي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اج??اس کي خطاب ڪندي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لا??ِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قاب?? گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يو??يورسٽي پاران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لا??ِ قدمن جي ضرورت آهي.