اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آم??يڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي جتي هن گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آم??يڪا جي دوري کي سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آم??يڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آم??يڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا، افغانستان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آم??يڪي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سان مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين تي پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آم??يڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، انڊونيشيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سان اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني آم??يڪن ڪميونٽي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ??نع??د ورچوئل فورم کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب جي موقعي تي جنر?? اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.