ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ??س ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪا??ون?? اسڪول ڪراچي جي وفد سان ملاقات دوران ??الهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪا??ون?? اسڪول ڪراچي جي عما??ت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ??جهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ??وڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.