اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان ??ٺي هيستائين ڪو??ون?? وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيا?? ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪو??ون?? جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪو??ون?? وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪو??ون?? وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوف??اڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪو??ون?? جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.