اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مختلف ??دالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خ??ن واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو ان??ها??ي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم ??ي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف ??دالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.