اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقياتي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان اڳ ۾ به پنهنجو ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي ?? مستقبل ۾ به ڪندي رهندي، ايندڙ بجيٽ جي تياري دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي ضر??رتن تي غور ڪيو و??ند??. ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي. ڪراچي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالهائ??ند?? ڪيو.