اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽ??گ لاءِ قدم کڻي، مگس ب??ني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضر??ري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس ب??ني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضر??رت آهي. پاڪستان جي اعليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽ??گ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس ب??ني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضر??رت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس ب??ني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضر??ري آهن. وفد صدر کي مگس ب??ني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.