اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر ڪلثوم پروين ٽي ڀيرا هن ايوان جي ميمبر منتخب ٿي، سندس لاڏاڻي جو گهڻو ڏک ٿيو آهي، هر هڪ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، اصل شيءَ اسان جا اعما?? آهن، اسا?? کي پنهنجا اعمال کڻي وڃڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي ت?? تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اها اسان جي لاءِ تاڪيد آهي ته اسا?? کي هن ايوان ۾ ويهي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ملڪ کي مشڪل حالتون درپيش آهن، بنا ڪنهن مدد جي باوجود اسان مشڪلاتن جو مقا??لو ڪيو، اسان جي معيشت باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، ان ۾ اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي به شامل هئي.