اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي منصوبن ۾ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ شهري آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته شهرن جا ماسٽر پلان نئين سر جوڙيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??رو??ئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ (زمين جي پئماش) جي حوالي سان بريف ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميپنگ جو عمل جاري آهي، ان کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جو ڊيٽا ملي چڪو آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ان عمل سان زمين جي اصل ملڪيت جي تعين جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو ٿيندو ۽ بهتر منصوبابندي ۾ مد?? ملندي، ٻي??ا، واپڊا، ريلوي، اوقاف ۽ ٻي?? سرڪاري زمينن جي حدن جو تعين ٿي سگهندو، ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڪري ناجائز قبضا ڇڏرائڻ، ملڪيت تڪر??ر ختم ڪرڻ ۽ قانوني ڪيس جلد اڪلائڻ، پراڻي رڪارڊ ۾ غلطيون ختم ڪرڻ ?? آڊٽ ۾ مد?? ملندي.